رولٽ ايڪٽ

رولٽ ايڪٽ: هندستان ۾ ويهين صديءَ جي شروع ٿيندي ئي نئين سياسي سجاڳيءَ جي لهر پيدا ٿي، ان صورت ۾ انگريزن کي اهو ڊپ اچي ٿيو ته متان مسلمان ۽ هندو ايڪتا جو مظاهرو ڪندي، انگريزن خلاف ڪا تحريڪ نه شروع ڪري ڏين. انهن حالتن ۾ وڌيڪ تيزي تڏهن پيدا ٿي، جڏهن ڏوهن کي ڪچلڻ جي نالي ۾ 1919ع ۾ هڪ ايڪٽ پاس ڪيو ويو. جسٽس سڊني رولٽ جي قيادت ۾ رولٽ ڪميٽيءَ هڪ رپورٽ تيار ڪئي، جنهن جي بنياد تي 1919ع ۾ هڪ قانون پاس ڪيو ويو، ان کي ئي ’رولٽ ايڪٽ‘ سڏيو ويو. هن قانون کي مرڪزي قانون ساز مجلس جي سرڪاري اڪثريتي ميمبرن جي تائيد سان پاس ڪيو ويو. توڙي جو مضبوط مخالف ڌر ان جي زبردست مخالفت ڪئي ۽ چتاءُ ڏنو ته هن قانون جي پاس ٿيڻ سان ملڪ ۾ زبردست هلچل پيدا ٿيندي. انهيءَ ڏس ۾ چونڊيل يا اڻ چونڊيل غير سرڪاري هندستاني ميمبرن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ بل جي گھڻي مخالفت ڪئي. ان حد تائين جو محمد علي جناح جهڙي وچ ٿري ميمبر به رولٽ ايڪٽ پاس ٿيڻ تي مرڪزي قانون ساز اسيمبليءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. هن ايڪٽ هيٺ ڪورٽن کي اجازت ڏني وئي ته جن کي اهي ڏوهي سمجھن، تن کي تڪڙي سزا ڏني وڃي. ڪورٽ ۾ هاءِ ڪورٽ جا ٽي جج مقرر ڪري ايڪٽ موجب مخالفن خلاف ڪيس هلائڻ جو حق ڏنو ويو. ڪورٽ کي بند ڪمري ۾ اجلاس ڪرڻ ۽ عام طرح قبول نه ڪرڻ جوڳين شاهدين کي به تسليم ڪرڻ جو جواز پيدا ڪري ڏنو ويو. انهيءَ ڏس ۾ اپيل جي حق کي به ختم ڪيو ويو. صوبائي حڪومتن کي پڻ وڏا اختيار ڏنا ويا ته اهي چاهين ته ماڻهن کي گرفتار ڪن، نظر بند ڪن، وٺ پڪڙ ڪن يا وري سخت سينسر لاڳو ڪري ڇڏين.
مهاتما گانڌيءَ، هن قانون خلاف ستياگرهه تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ گير هڙتالن جو سڏ ڏنو. جيتوڻيڪ گانڌيءَ پر امن هڙتال جو اعلان ڪيو، پر هڙتال جي سڏ ملندي ئي سڄي ملڪ ۾ باهه ٻري وئي. احمدآباد ۽ دهليءَ ۾ هزارين ماڻهن مظاهرا ڪيا، هڙتالون ڪيون ۽ ڪاروهنوار کي بند ڪرائي ڇڏيو. ان وقت پوليس فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳچ ماڻهو مارجي ويا. بدترين واقعو 13 اپريل 1919ع تي پيش آيو. دهليءَ جي جليانوالا باغ ۾ احتجاج لاءِ هزارين ماڻهو گڏ ٿيا هئا. انهن تي فوجي جنرل ڊائر فائرنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جيڪا فائرنگ بنا ڪنهن مت ڀيد جي ڪئي وئي. 400 ماڻهو قتل ٿي ويا ۽ وڌيڪ 1200 ماڻهو زخمي ٿيا. وڌيڪ فسادن کي روڪڻ لاءِ پنجاب ۾ مارشل لا جو اعلان ڪيو ويو. پنجاب ۾ مارشل لا 15 اپريل کان 11 جون 1919ع تائين لاڳو رهي. گانڌي جيءَ انساني قتل عام کي ڏسندي ستيا گرهه کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.


لفظ رولٽ ايڪٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو